APP19-231222 ISLAMABAD: December 23 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs a meeting on the construction of housing units for Overseas Pakistanis. APP/ZID/ABB

اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو انتهائي اهم اثاثو آهن، انهن جي ڀلائي ۽ حقن جو تحفظ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ عالمي معيار رکندڙ رهائشي سهولتون تعمير ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ڪيپٽن (ر) محمد عثمان يونس ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس هائوسنگ يونٽس تعمير ڪيا وڃن. ان ڏس ۾ عالمي شهرت رکندڙ تعميراتي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته انهن ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو انتهائي اهم اثاثو آهن. انهن جي ڀلائي ۽ حقن جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي.