اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سيڪٽر آئي 10 فور ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اسلام آباد پوليس جي شهيد هيڊ ڪانسٽيبل عديل حسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي دهشتگردن کي روڪيو، قوم پنهنجي بهادرن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم گڏجي دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکندي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله! قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وقت سر ڪارروائي سان بيگناهن جو رت وهڻ جو وڏو ۽ ڪڌو منصوبو ناڪام ٿي ويو، عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي فورسز سان ڀرپور تعاون ڪري. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار کي شهداءِ پئڪيج ڏيڻ ۽ آءِ جي اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان کي غيرمعمولي بهادري جو مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن ۽ عوام جا قاتل آهن، پاڪ زمين کي ان فتني کان پاڪ ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم شهيد عديل حسين جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.