
اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ دوستي ڏينهون ڏينهن گهري ٿي رهي آهي ۽ بين الحڪومتي گڏيل ڪميشن جي 11 هين اجلاس جو ڪامياب انعقاد وڌندڙ لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان جي نائب وزراعظم سيرڪ زومنگرين جي قيادت ۾ ملندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. قازقستان جو وفد نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ بين الحڪومتي گڏيل ڪميشن جي 11 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم قازقستان جي وفد جي آجيان ڪندي ان ڳالهه کي ساراهيو ته هوابازي، سيڙپڪاري ۽ بئنڪنگ تعاون جي ٽن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو واپاري ۽ اقصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو پر عوام جي وچ ۾ رابطن کي پڻ فروغ ملندو. وزيراعظم آءِ جي سي جي 11 هين اجلاس دوران طئي ٿيندڙ فيصلن کي ساراهيو ۽ گڏيل بزنس ڪائونسل جي وقت سر انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي واپارين کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو. قازقستان جي نائب وزيراعظم وفد جي شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي ايندڙ ڏينهن ۾ فروغ ملندو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ دوستي ڏينهون ڏينهن گهري ٿي رهي آهي ۽ آءِ جي سي جو ڪامياب انعقاد وڌندڙ لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي.