اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي چيو آهي ته ظالم جي سامهون ڪلمه حق بلند ڪرڻ حسينيت آهي، ڪربلا جو واقعو اسلام جي تاريخ جو ناقابل فراموش واقعو آهي، حضرت امام عاليٰ مقام رضه جي قرباني تحمل، برداشت، اخلاص، ظلم ۽ جبر خلاف ڄمي بيهڻ جو سبق ڏي ٿي. خميس ڏينهن عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ سردار عبدالقيوم نيازي چيو ته باطل جي سامهون ڪلمه حق بلند ڪرڻ حسينيت آهي، ڪربلا ۾ امام عاليٰ مقام حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ ان جي ساٿين عظيم قرباني پيش ڪئي ۽ اسلام کي زنده ڪيو، هن چيو ته امام عاليٰ مقام رضه الله جي دين حق جي سربلندي لاءِ ڏنل قرباني قيامت تائين زنده رهندي، ڪربلا جو واقعو تاريخ اسلام جو ناقابل فراموش واقعو آهي، حضرت امام عاليٰ مقام جي قرباني، تحمل، برداشت، اخلاص ظلم ۽ جبر جي خلاف ڄمي بيهڻ جو سبق ڏي ٿي، حضرت امام حسين رضه جي قرباني سڀني لاءِ مشعل راهه آهي، امام عاليٰ مقام ڪربلا ۾ حق ۽ سچائي تي هر حال ۾ ڪاربند رهڻ، ظلم جي خلاف ڄمي بيهڻ، برداشت، تحمل ۽ اخلاص جو درس ڏنو ۽ عملي مظاهرو ڪيو. رسول ﷺ جي خاندان جون قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون، هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن جون قربانيون رهندڙ دنيا تائين جي انسانن لاءِ مشعل راهه آهن، ڪربلا جي شهيدن حريت ۽ خلوص جو جيڪو پيغام ڏنو آهي اهو سڄي دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم انسانن لاءِ هدايت جو ذريعو آهي.