اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ۽ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پروگرام بڻجي چڪو آهي ۽ ان سان ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي کي فائدو پهچي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته احساس ڪيش پروگرام مان 10 ڪروڙ عوام فائدو ورتو جيڪا ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي آهي. هن چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش کي دنيا سماجي تحفظ جو ٽيون وڏو پروگرام قرار ڏنو آهي. هن چيو ته هن سال هڪ ڪروڙ گهرن کي سماجي تحفظ جا فائدا فراهم ڪيا ويندا جنهن سان حقيقت ۾ 7 ڪروڙ ماڻهن کي فائدو پهچندو. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ ملڪ جي 14 ضلعن مان 50 احساس نشو نما مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان پروگرام کي جلد توسيع ڏني ويندي.