اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عاشورا جو ڏينهن اسان کي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا خاتم النبيين ﷺ جي ڏوهيٽي، حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت، ۽ حق ۽ باطل ۾ فرق لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان زندگي جي هر شعبي لاءِ رهنمائي ملي ٿي، ڪربلا جو واقعو اعليٰ مقصدن کي حاصل ڪرڻ خاطر ايثار ۽ قرباني، صبر جو سبق ڏي ٿو ۽ جيڪڏهن رسولﷺ جي ڏوهيٽي جي جدوجهد جي رخن کي نظر ۾ رکي رخ ۽ مستقبل جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي درپيش مسئلن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا جو واقعو دنيا لاءِ اهم ترين سبق ڏي ٿو ته معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن خاص طبقي جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن، ڇاڪاڻ جو انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق انساني عظمت، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن سان آهي. هن چيو ته ڪربلا جون عظيم قربانيون اسان کي اهو سبق ڏين ٿيون ته انسان حق کي حق ۽ ظلم کي ظلم چوڻ جو پنهنجي اندر حوصلو پيدا ڪري، ثابت قدمي جو حق حاصل ڪرڻ ئي اهو مشن آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي جاني ۽ مالي قرباني کان پاسو نٿو ڪري سگهجي، هي اهو عمل آهي جنهن کي حضرت امام حسين رضه اختيار ڪيو ۽ اسان کي حق جي سربلندي لاءِ ڄمي وڃڻ جو واضح پيغام ڏنو. اڄوڪو ڏينهن رسولﷺ جي ڏوهٽي جي عظيم فڪرن ۽ اعمالن تي ثابت قدمي جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان کي محرم الحرام جي موقعي تي اهو وچن به ڪرڻ گهرجي ته پنهنجا اجتماعي ۽ انفرادي معاملا حضور ﷺ جي خاندان جي نقش قدم تي هلندي سرانجام ڏينداسين، الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.