اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته حسين عليه السلام جو قتل اصل ۾ يزيد جو موت آهي، اسلام زنده ٿيندو آهي هر ڪربلا کانپوءِ، هر اها تحريڪ جيڪا انصاف ۽ حق لاءِ هلائي ويندي، ڪربلا ان جي لاءِ هڪ مشعل راهه هوندو. عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته 70 سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو آهي، ڀارت طاقت جي استعمال سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وڊيو ۾ انهن ڪشميري ٻارن جا پيغام ٻڌو ته توهان کي اندازو ٿي ويندو ته جيڪڏهن ڀارت ايندڙ 70 سال به اها ڪوشش ڪندو رهي ته به ڪامياب نه ٿيندو.