اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته امام حسين رضه جي شهادت سڄي انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير شيخ رشيد عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته امام حسين رضه جي شهادت سڄي انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، هن چيو ته رسول ﷺ جي ڏوهٽي ڪربلا ۾ دين حق جي خاطر پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي قرباني پيش ڪئي، وفاقي وزير چيو ته ڪربلا جي شهيدن کي سلام ۽ خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.