اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم عاشورا 10 محرم الحرام 1443هه/2021ع جي موقعي تي چيو آهي ته يوم عاشورا نهايت عظمت ۽ احترام وارو ڏينهن آهي، اسلامي ۽ انساني تاريخ ۾ ڪيترائي عظيم واقعا ان سان جڙيل آهن پر مسلمان امت جي ويجهو يوم عاشورا جو مقام جنهن تاريخي واقعي جي نسبت سان بلند ترين آهي اهو عالي مقام امام حسين رضه جي شهادت آهي.

ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري يوم عاشورا جي موقعي تي جاري خصوصي بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڏينهن رسول ﷺ جي ڏوهيٽي پنهنجي اهل بيت ۽ ٻين جانثار ساٿين سان گڏجي بي وسي جي عالم ۾ ظلم ۽ جبر تي ڪاربند قوتن کي للڪاريو هو ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري دين اسلام کي نئين زندگي بخشي هئي. هن چيو ته اڄ اسلام انهن قربانين جي بنياد تي زنده آهي ۽ اهي ئي قربانيون اهل ايمان جي جذبن جو امتحان ۽ آزمائش جي لمحن ۾ جلا بخشينديون آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شهادت امام حسين رضه مسلمان امت لاءِ هڪ عظيم درس آهي ۽ حضرت امام عالي مقام رحه جي شهادت رهندڙ دنيا تائين لاءِ عزم ۽ استقلال جي علامت بڻجي سڄي دنيا جي مسلمانن جي دلين ۾ ڌڙڪن بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته اسان کي اڄ جي شهادت جي ياد ملهائيندي پنهنجي اندر نظم ۽ ضبط ۽ ايثار ۽ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻو آهي ۽ گڏيل نفرتن، رنجشن ۽ گروه بندين کان پرهيز ڪرڻو آهي، اسان کي پنهنجي دين، قوم ۽ ملڪ جي لاءِ عزم ۽ استقلال جو استعاره بڻجي هر قسم جي قرباني لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته دين ۽ دنيا جي سربلندي ۽ ڪامراني اسان جو مقصد هوندي، هن قوم کي اپيل ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڊيلٽا قسم جي ڪري وبا جي چوٿين لهر جو خطرو وڌي رهيو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀني کي سخت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. عاشوره جي ميڙاڪن ۾ حڪومت پاڪستان جي طرفان جاري ڪيل سمورين احتياطي تدبيرن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ويڪسين جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪري پاڻ کي ۽ ٻين کي ان وبا کان محفوظ ڪيو وڃي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان ڳالهه جو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي زندگين کي ان جي تعليم موجب اختيار ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، هن الله تعاليٰ کان دعا ڪي ته هو اسان کي امام حسين رضه جي زندگي تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ سان گڏوگڏ سموري عالم کي به ڪورونا جي وبا کان محفوظ رکي.