اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو عاشوري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ عظيم ۽ لازوال قرباني جي ياد ڏياري ٿو، نجڪاري واري وزير چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين دين اسلام جي تحفظ لاءِ پنهنجون جانيون قرباني ڪري ڇڏيون. محمد ميان سومرو چيو ته ڪربلا ۾ جنهن صبر ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو ويو اهو اسان سڀني لاءِ سبق آهي. هن چيو ته حق ۽ سچ لاءِ صبر سان گڏ ڄمي وڃڻ حضرت امام حسين رضه جو پيغام آهي. محمد ميان سومرو چيو ته عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا