APP44-260721 ISLAMABAD: July 26 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain and Federal Minister for Kashmir Affairs & Gilgit-Baltistan Ali Amin Khan Gandapur addressing a press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ بدترين شڪست تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کي پارٽي جي عهدن تان مستعفي ٿيڻ گهرجي، انهن ۾ جيڪڏهن ڪو سياسي شرم آهي ته شڪست جي ذميداري قبول ڪن ۽ استعيفا ڏين، ڌانڌلي جو روئڻو روئڻ بدران پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائين، نواز شريف جي پاڪستان دشمن حمد الله محب سان ملاقات ۽ مريم نواز جي پاڪستان مخالف بياني جي ڪري ن ليگ کي بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ”کيسياني بلي کنڀا نوچي“ وانگر آهي، مريم نواز ۽ بلاول پوري چونڊ مهم ۾ گار گند ۽ قومي ادارن تي تنقيد کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، ڪشمير جي عوام سندن بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 2023ع ۾ چونڊن ۾سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو صفايو ٿي ويندو، آزاد ڪشمير جي عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام ۾ بي حد مقبول آهي، اسان جون دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان ڪشميرين جي مرضي جي خلاف ڪنهن به قدم جا حامي نه آهيون، آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر جو فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ڪشمير ۽ گلگت معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ واضح ڪاميابي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور ڪشمير ۾ منظم طريقي سان چونڊ مهم هلائي، ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏي ڪاميابي ملي، ان جا ڏور رس اثر نڪرندا، هن چيو ته ايتري وڏي ڪاميابي کانپوءِ ڌانڌلي جو بيانيو پنهنجي موت پاڻ مري ويندو آهي، اها ڪاميابي ان وقت ممڪن ٿيندي آهي جڏهن توهان ماڻهن ۾ حقيقي طور تي مقبول هجو. هن چيو ته 56 سيڪڙو کان وڌيڪ پولنگ ٿي جيڪا چونڊ عمل تي اعتماد جو مظهر آهي، هن چيو ته ڪشمير جي عوام تحريڪ اناف کي ايتري وڏي ڪاميابي ڏئي ڪري والاريل ڪشمير جي تحريڪ کي جلا بخشي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ کي گهرجي ته هو بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز کان استعيفا وٺن، کين جيڪڏهن سياسي شرم آهي آهي ته ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ بدران پنهنجي شڪست تسليم ڪن ۽ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، هن چيو ته پ پ پ ۽ ن ليگ اهم سياسي پارٽيون آهن، انهن جي اندر نئين ليڊر شپ کي اڀرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، اهو ملڪ انهي صورت ۾ اڳتي وڌندو جڏهن سياسي پارٽيون ان انسٽي ٽيوشن جي طور تي اڳتي وٺي هلندا، هن چيو ته چنوڊ مهم جي دوران ن ليگ جي ڪيمپ مان هندستان کان مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا قابل شرم آهي، مريم نواز فوج ۽ پاڪستان مخالف بياني تي ٻڌل مهم هلائي جنهن جي ڪري اڄ بدترين شڪست ن ليگ جو مقدر بڻي. هن چيو ته ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ حڪمران پارٽي هئي ۽ جهڙي طريقي سان شڪست ٿئي آهي، اڄ تائين ڪنهن ٻي پارٽي کي ناهي ٿي، ن ليگ کي پيپلزپارٽي کان به گهٽ سيٽون مليون آهن، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته نواز شريف لنڊن ۾ پاڪستان مخالف حمد الله محب سان ملاقات ڪئي، جنهن طريقي سان نواز شريف ۽ مريم نواز جو بيانو هلي رهيو هو جنهن ۾ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي مسلسل تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو، ان تي کين بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، هن چيو ته حمد الله محب پاڪستان دشمن ۽ را جو ايجنٽ آهي، ان جي نواز شريف سان ملاقات جو جواب ڪشمير جي عوام کين بدترين شڪست جي صورت ۾ ڏنو آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري جي سالگرهه تي بلاول ڀٽو کين تحفو ڏنو آهي ته هڪ اهڙي پاڙٽي جنهن کي اسان چئني صوبن جي زنجير چونداهئاسين، اها پارٽي ايتري سوڙهي ٿي وئي آهي ته باقي صوبن وانگر ڪشمير ۾ به ان جو حال احوال ناهي رهيو. هن چيو ته 2023ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به اهو ئي حال ٿيندو جيڪو ان جو ڪشمير ۾ ٿيو آهي.هي انهن جو آخر دور آهي، هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته هڪ طرف توهان مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، جندال سان ملاقات ڪريو ۽ پاڪستان جي قومي ادارن جي خلاف سازشون ڪريو ۽ ان کانپوءِ اميد ڪريو ته ڪشمير جا ماڻهو ووٽ ڏيندا، هاڻي اهو بيانو نٿو هلي سگهي. ڪشمير جي عوام عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، عمران خان آزاد ڪشمير ئي نه والاريل ڪشمير ۾ به سڀني کان مقبول سياسي اڳواڻ آهي، کيس ڪشمير جي سفير جي طور تي ڏٺو ويندو آهي. هن چيو ته جڏهن کان عمران خاان اقتدار سنڀاليو آهي کيس ڪشمير جي تحريڪ کي سگهه ڏيڻ جي ڪا ڪوشش هٿ مان نه وڃڻ ڏي، هن چيو ته عمران خان واحد اڳواڻ آهي جنهن ڪشمي جي مجاهدن جي باري ۾ ڳالهه ڪئي، هن چيو ته مريم نواز ۽ بلاول جي سموري ڳالهه ٻولهه صرف تنقيد ۽ گار گند تي رهي جڏهن ته عمران خان ڪشمير جي ڳالهه ڪئي، آزادي جي ڳالهه ڪئي، اهو ئي اسان جي ۽ اسان جي بياني جو فرق هو جنهن اڄ تحريڪ انصاف کي وڏي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي اميدوارن جو فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو، هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مخالف حمد الله محب سان نواز شريف جي ملاقات نه ٿي هجي ها ته شايد ن ليگ پ پ پ جي برابر اچي وڃي ها، جيتوڻيڪ نواز شريف ۽ مريم نواز اينٽي ڪشمي بياني کي اڳتي وڌايو وڃي جنهن جي ڪري ڪشمير جي عوام کيس رد ڪيو، هن چيو ته جيستائين ڌانڌلي جا الزام آهن ته اهي ”کيسياني بلي کنڀو نوچي“ جي برابر آهي، بدترين شڪست تي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو کي پارٽي عهدن تان مستعيفي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته حمد الله محب کان نواز شريف جي ملاقات جي حوالي سان هيستائين آگاهه ناهي ڪيو ويو ته اها ملاقات پي ايم ايل جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي مرضي سان ٿي هئي؟ هي چيو ته اها ننڍي ڳالهه نه آهي توهان هڪ اهڙي ماڻهو سان ملي رهيا آهيو جنهن جا ”را“ سان رابطا هجن. هن چيو ته احسن اقبال هندستان کان مدد طلب ڪرڻ جي بياني تي هڪ سياسي يتيم کي نوٽيس ته جاري ڪري ڇڏيو پر کين نواز شريف کي پاڪستان دشمن ۽ هندستان جي نوازيل ماڻهو سان ملاقات تي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي، هڪ ٻي سوال تي چوڌري فواد حسين چيو ته 5 آگسٽ جي حُالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي، هن چيو ته ڳالهين جي لاءِ اسان جي پهرين شرط آهي ته ڀارت 5 آگسٽ جي غاصباڻي قدمن کي واپس وٺي، هن چيو ته اسان ته ڀارت سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو پر ان جي لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ جي غاصباڻي قدمن کي واپس وٺڻو پوندو، هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون، پاڪستان جي ماڻهن ڪشميرين جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، هاڻي به اسان واضح ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ جي قدمن کي واپس نٿو وٺي اسان انهن سان ڪا به ڳالهه نه ڪنداسين، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان جون پاليسيون ڪشمير جي عوام جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ درست آهن تنهن ڪري جيڪي به تنقيد ڪندا آهن انهن کي ڪشمير جي حقيقتن جو پتو نه آهي، عمران خان ڪشمير جي مسئلي کي انساني مسئلو سمجهون ٿا جڏهن ته ڀارت ڪشمير جي علائقي کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ان جي نظر ان علائقي ۽ ان جي وسيلن تي آهي جڏهن ته اسان جي نظر ڪشمير جي وسيلن تي نه آهي، اسان جو دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان ڪشميرين جي مرضي جي خلاف ڪنهن به قدم جا حامي نه آهيون، ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جي باري ۾ به اهو ئي سمجهن ٿا، انهن جا جسم ڌار هوندا پر اسان جي روح هڪ آهي. هن چيو ته ان جي لاءِ جڏهن عمران خان ڳالهه ڪندو آهي ته اهو ان اعتماد جو اظهار آهي ته ڪشميرين کي اهو موقعو ڏيندو ته هو ڪڏهن وڃڻ چاهين ٿا، اسان جو علائقي سان نه پر دلين سان تعلق آهي، جڏهن دلين سان تعلق هوندو آهي ته اعتماد جو تعلق هوندو آهي.