اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف شهري جي اپيل منظور ڪندي وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) پاران اين او سي فيس جي مد ۾ وصول ڪيل 11 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم شڪايت ڪندڙ کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صدر شهري جي شڪايت تي سي ڊي اي کي سي اين جي اسٽيشن لاءِ اين او سي فيس جي مد ۾ ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ ميجر (ر) مسعود باجوه اسلام آباد ۾ سي اين جي اسٽيشن جي قيام لاءِ 2007ع ۾ اين او سي فيس جمع ڪرائي هئي تنهن هوندي به لاڳاپيل ادارن کان اين او سي وقت تي نه ملڻ تي شڪايت ڪندڙ رقم واپسي جو مطالبو ڪيو هو، شهري رقم واپس نه ملڻ تي سي ڊي اي جي خلاف وفاقي محتسب کي سال 2020ع ۾ درخواست جمع ڪرائي، وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي درخواست مدي خارج ٿيڻ ۽ سي ڊي اي بورڊ جي اين او سي فيس کي ناقابل واپسي قرار ڏيڻ جي فيصلي جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي هئي، ان تي شهري صدر کي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي هئي، صدر ان حوالي سان پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن شهري جي خاص مقصد لاءِ جمع ڪيل رقم قانون جي عدم موجودگي ۾ ضبط نٿي ڪري سگهجي، صدر چيو ته سي ڊي اي بورڊ جو فيصلو 2013ع کان پهرين جي ڪيسز تي لاڳو نٿو ٿئي، 2007ع ۾ بورڊ جو لاڳاپيل قانون وجود نه رکندو هو تنهن ڪري ان معاملي تي لاڳو نٿو ٿئي، هن چيو ته وفاقي محتسب جي فيصلي ۾ معاملي جي انهن رخن کي نظرانداز ڪيو ويو هو، صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آئين موجب ڪنهن به شخص کي قانون جي خلاف پنهنجي مال کان محروم نٿو ڪري سگهجي، آئين پاڪستان هر شخص کي قانون موجب منصفاڻو سلوڪ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ٿو، صدر پنهنجي حڪم نامي ۾ وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪندي شڪايت ڪندڙ کي اين او سي فيس جي مد ۾ وصول ڪيل رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.