اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هو ڪشميري عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمز تي آواز اٿاريندو رهندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم تحريڪ انصاف جي ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي ڪشمير جي سفير جي طور تي آواز اٿاريندو رهندو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته گڏيل قومن تحت عوامي راءِ جي ذريعي ڪشمير عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جي حوالي سان عالمي برادري پنهنجو واعدو پورو ڪري.