اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته اسان احساس ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن جي ذريعي ماڻهن کي غربت مان ڪڍنداسين ۽ حڪومت ۾ احتساب ۽ شفافيت قائم ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ووٽ وسيلي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪاميابي ملي آهي.