اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان دلير سفير ۽ سچي وڪيل طور هر عالمي فورم تي ڪشمير جو ڪيس وڙهندو رهندو، جن ماڻهن ڪشمير جو سودو ڪيو انهن کي اڄ ڪشميرين ووٽ سان ”رجيڪٽيڊ“ بڻائي ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ رهندڙ ڪشميرين جي مهرباني جنهن وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪشميرين پي ٽي آءِ کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو ان جي احترام سان گڏوگڏ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائينداسين. آزاد ڪشمير اليڪشن بابت بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪشمير جي عوام دوکي، ڌانڌلي، الزامن ۽ تنقيد جي سياست کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، مريم ۽ بلاول گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ عبرت ناڪ شڪست کانپوءِ هاڻي ڇا محسوس ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته 25 جولاءِ تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي، ان ڏينهن ڪشميرين مودي جي يارن، جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ ۽ سرٽيفائيڊ ڪوڙن کي سبق سيکاريو، ملڪ ۾ عام چونڊن کانپوءِ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام ٻنهي ڪرپٽ پارٽين کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪي پنهنجي شادين تي مودي کي گهرائين، انبن ۽ ساڙهين جا تحفا وٺن، حريت اڳواڻن کي نظرانداز ڪن، ڪشميري انهن کي ڪڏهن معاف نٿا ڪري سگهن.