اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 32 فوتگيون ٿيون جنهن مان 21 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 هزار 752 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 15 سيڪڙو، پشاور ۾ 17 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 20 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 24، ڪراچي ۾ 47 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ سيڪڙو ۽ 30 گلگت ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 947 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 122، پنجاب ۾ 17 هزار 751، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 311، اسلام آباد ۾ 2 هزار 383، بلوچستان ۾ هڪ هزار 727، گلگت بلتستان ۾ 740، آزاد ڪشمير ۾ 913 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 27 هزار 599 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 277 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 57 هزار 799 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 8 هزار 446 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 93، بلوچستان ۾ 29 هزار 571، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 747، اسلام آباد ۾ 85 هزار 780، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 41 هزار 925، پنجاب ۾ 3 لک 53 هزار 238 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 67 هزار 92 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 48 آهي