APP62-260721 ISLAMABAD: July 26 – Prime Minister Imran Khan chairs a review meeting on price control. APP

اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ضروري شين جي قيمتن جي مستقل بينادن تي نگراني ۽ مناسب قيمتن کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان قائم سيل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ئي آهي ته غفلت ڪندڙ آفيسرن، منافع خورن ۽ مافيا جي خلاف ڀرپور ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي شوڪت ترين، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام کي ضروري شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تعلقي ۽ ضلعي انتظاميه ۽ چٽاڀيٽي ڪميشن جي ذريعي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافع خورن ۽ مافيا جي خلاف ڀرپور ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي، وزيراعظم چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته قيمتن جي حوالي سان غفلت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم قيمتن جي مستقل بنيادن تي نگراني ۽ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان سيل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.