APP61-260721 ISLAMABAD: July 26 - Prime Minister Imran Khan chairs a review meeting on Tourism Development Projects. APP

اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سياحت جي اعتبار کان خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ وسيلا رکندڙ آهي ۽ موجوده حڪومت ان مان مڪمل فائدو کڻڻ کي يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، پنجاب جي وڏي وزير جي سياحت بابت صلاحڪار آصف محمود خان، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل روڊ ميپ جي مختلف نڪتن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورن صوبن ۾ سياحتي ماڳن جي جيوميپنگ جو ڪم تقريبن مڪمل ڪيو ويو آهي، ان قدم سان سياحتي ماڳن تي ترقياتي ڪمن ۽ سيڙپڪاري ۾ مدد ملندي، ان کانسواءِ ثقافتي ڏڻن جو ڪلينڊر به جوڙيو پيو وڃي، سمورا تفصيل جلد سياحتي ويب سائيٽس ۽ ٽورازم اي پورٽل تي اپ لوڊ ڪيا ويندا. سياحتي ماڳن جي عالمي معيار موجب فروغ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ مختلف منصوبن جي فزيبلٽي تيار ڪئي وئي آهي، اجلاس کي نندنا قلعه ۾ ترقياتي ڪم جي آغاز ۽ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ پرڏيهي وزارت پاران کنيل قدمن جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني سفارتخانن جي ڪوششن سان درجنين ملڪ پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ٽريول ايڊوائزري ۾ مثبت تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته 24 سفارتخانن ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ پي ٽي ڊي سي پاران مشهوري مواد جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 27 سفارتخانن ۾ سياحت جي فروغ لاءِ خصوصي ڊيسڪ مختص ڪيا ويا آهن ۽ 133 جي لڳ ڀڳ غير ملڪي سياحتي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ مدد فراهم ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ غير ملڪي سياحن جي سهولت لاءِ اي ويزه جاري ڪرڻ جي وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪري 7 – 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي، وڌيڪ هن وقت تائين 71 هزار کان وڌيڪ غير ملڪي سياح اي ويزه جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي بلوچستان ۾ سياحلي پٽي تي سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪنڊملير ۽ ميرين ڊرائيو گوادر تي ريزارٽ بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ان کانسواٰءِ فش ليڊنگ سائٽس، فلوٽنگ جيٽيز، ننڍن مُهاڻن جون ٻيڙون، ڪوسٽل هاءِ وي تي ريسٽ ايرياز ۽ ساحلي پارڪس جي تعمير به منصوبي جو حصو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چترال، سيدو شريف اسلام آباد ۽ اسڪردو ۾ هوائي اڏن تي سياحن جي سهولت لاءِ خصوصي ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن، پي آءِ اي جي ايئر سفاري به فعال آهي ۽ سياحن جي وڏي تعداد ۾ ان مان فائدو کڻي رهي آهي، وزيراعظم سياحت جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته ثقافتي ڏڻن جو ڪلينڊر ڏڻ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو آهي ته جئين سياح ڪنهن به قسم جي مشڪلات ۾ مبتلا ٿيڻ کانسواءِ اهم ڏڻن ۾ شريڪ ٿي سگهن، بلوچستان ۾ سياحت جي حوالي سان موجود علائقن جي نشاندهي ۽ انهن جي ترقي جي منصوبابندي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ساحلي پٽي انتهائي خوبصورت ۽ قدرتي حسن سان مالا مال آهي. اتي سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا آهن، جنهن مان فائدو کنيو ويندو، سرڪاري ريسٽ هائوسز جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته عوامي پئسي مان قائم ٿيندڙ عمارتن تائين نه رڳو عام عوام جي پهچ يقيني بڻائي وڃي پر ان کي بهتر طريقي سان سياحن کي سهولت ڏيڻ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي منصوبابندي تي جلد عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ سياحت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ قدمن تي طئي ٿيل مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي جنهن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي ناڻو ايندو.