اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب آزاد ڪشمير اليڪشن جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن جي گاڏي کي حادثو پيش اچڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جتي سرحدن جي حفاظت تي مقرر آهي اتي داخلي سيڪيورٽي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آزاد ڪشمير اليڪشن دوران امن امان قائم رکڻ جي لاءِ پاڪ فوج بهترين سيڪيورٽي خدمتون سرانجام ڏنيون. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ داخلي سيڪيورٽي ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوان اسان جا محسن آهن، انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته گاڏي کاهيءَ ۾ ڪري پوڻ سبب شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.