اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر پاڪ فوج جي گاڏي کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حادثي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڏو سانحو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.