اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن وفاقي گادي واري شهر جي ايف – 9 پارڪ ۾ ٻوٽو هڻي سڄي ملڪ ۾ مون سون وڻڪاري مهم شروع ڪندو جڏهن ته وزيراعظم جي سرسبز پاڪستان جي ويزن جي روشني ۾ 10 بلين سونامي ٽري پروگرام تحت موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ سي ڊي اي هلندڙ مون سون وڻڪاري مهم جي حوالي سان ڀرپور انتظام ڪيا آهن. اسلام آباد ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ وڻن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته خاص طور تي گذريل ٻن سالن کان وڻڪاري جو گراف مٿي وڃي رهيو آهي ڇو ته موجوده حڪومت جي موثر حڪمت عملي تحت وڏي پئماني تي ٻوٽا هنيا پيا وڃن. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم عمران خان مون سون وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن نٿيا گلي ۾ پائن جو ٻوٽو لڳايو هو ۽ پنهنجي ٽوئيٽ اڪائونٽ تي ٻوٽو لڳائڻ جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون هيون. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پوري قوم ملڪ کي سرسبز بڻائڻ ۾ حصو وٺي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ان کان اڳ به مختلف موقعن تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ شهرين خاص طور تي نوجوانن کي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي لاءِ متحرڪ ڪندو رهيو آهي. انهن ٽوئيٽس ۾ هن حڪومت جي 10 ارب سونامي منصوبي، گرين اينڊ ڪلين پاڪستان قدمن ۽ ملڪ ۾ مون سون وڻڪاري جو پڻ حوالو ڏنو. وزيراعظم مٽه سوات ۽ بکر جون تصويرون ۽ وڊيو ڪلپس پنهنجي تازن ٽوئيٽس ۾ شيئر ڪيا جتي 10 ارب وڻن جي وڻڪاري مهم ۽ ڪلين ۽ گرين پاڪستان مهم تحت بنجر زمينن کي سرسبز حصن ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻئي طرف ملڪ جي ٻين حصن وانگر مون سون جي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اسلام اباد ۾ به سي ڊي اي جي ذريعي اٽڪل 5 لک ٻوٽا لڳايا ويندا. سي ڊي اي جي عملدارن ڪالهه آچر ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته اسلام آباد کي خوبصورت ۽ سرسبز شاداب رکڻ جي لاءِ سي ڊي اي مختلف ادارن ۽ سول سوسائٽي، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي تعاون سان وڻڪاري مهم دوران لکين ٻوٽا لڳايا ويندا. عملدارن ٻڌايو ته وڻڪاري مهم جي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، مهم دوران گرين بيلٽس، پارڪس، مارگلا هلز ۽ ٻين اهم جاين تي پڻ ٻوٽا لڳايا ويندا.