اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊون والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي خوابن کي جلا بخشين ٿيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڏينهن پوري ڪشمير جا ماڻهو انهي آزادي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا ۽ پنهنجي نمائندن تي ٻڌل حڪومت ٺاهيندا. اڄ جون چونڊون عمران خان جي نئين ڪشمير جي نالي انشاءَ الله.