اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشمير اليڪشن ۾ گلگت بلتستان وانگر ڪشمير ۾ مودي جي يارن، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۽ سرٽيفائيڊ ڪوڙن کي بدترين شڪست ٿيندي، ”نصر من الله وفتح قريب“.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بطور سچي سفير ۽ دلير وڪيل هر سطح تي خاص طور تي عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس مثالي انداز سان پيش ڪري انهن جون دليون کٽي ورتيون آهن. هن چيو ته انشاءَ الله اڄ ڪشميري عوام بيٽ تي ٺپو هڻي پي ٽي آءِ کي ڪامياب ڪرائيندي.