پنڊ دادن خان – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ عمران خان جي ڪاميابي سان ڀارت تمام گهڻو خوفزده آهي، اليڪشن ۾ عوام وڌي چڙهي بيٽ تي ٺپو هنيو، انشاءَ الله ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ ئي حڪومت ٺاهيندي. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ ڀارتي ميڊيا ڪشمير جي حوالي سان عمران خان حڪومت جي ڀرپور مخالفت ڪئي. آزاد ڪشمير ۾ عمران خان جي حڪومت ٺهڻ سان ڀارت کي تمام وڏو ڌچڪو لڳندو. هن چيو ته پنڊ دادن خان پي ٽي آءِ جو ڳڙهه آهي، هو پي ٽي آءِ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ تي شهرين جا ٿورا مڃي ٿو. ڪشميرين کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اندر آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ عمل والاريل ڪشمير جي عوام کي اميد ۽ جلا بخشي ٿو. هن چيو ته هڪ ڏينهن ضرور والاريل ڪشمير جي عوام آزاداڻي چونڊن ۾ راءِ جو حق استعمال ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير ۾ مجموعي طور تي چونڊ عمل پرامن رهيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان هڪ واقعي دوران پي ٽي آءِ ڪارڪن شهيد ٿيو آهي. پيپلزپارٽي جي ڪجهه ماڻهن پولنگ دوران ڪيترين ئي جاين تي حملا ڪيا. چوڌري فواد حسين چيو ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ هجڻ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي.