اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دنيا نيوز جي سينئر اينڪر اجمل جامي جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو پوئينرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، اطلاعات واري وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.