اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته احسن اقبال هندستان کان مدد گهرڻ جي بيان تي هڪ سياسي يتيم کي نوٽيس ڏنو آهي جيڪو سٺي ڳالهه آهي پر ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي نواز شريف کي حمد الله محب جهڙي پاڪستان دشمن ۽ هندستان نوازيل ماڻهو سان ملاقات تي نوٽيس جاري ڪري ۽ ان کان پڇاڻو ڪري. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال پاران تڪ ايل اي 35 مان اميدوار چوڌري اسماعيل گجر کي موڪليل شوڪاز نوٽيس به شيئر ڪيو.