
اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر مرحوم ممنون حسين جي گهر وڃي سندس لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. صدر مرحوم جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڳوڻي صدر جي لاءِ مغفرت جي دعا، فاتحه خواني ڪئي. صدر عارف علوي اڳوڻي صدر ممنون حسين جي قبر تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.