تراڙ کل – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سياسي مخالفن پاران آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ جي افواهن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي، چونڊن ۾ هارائڻ جي خوف کان مخالف ڌر ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ۽ عملو به انهن جو مقرر ڪيل آهي. آزاد ڪشمير جي عوام کي غربت مان ڪڍندس، مودي ڪشميرين تي ظلم ڪندو رهيو ۽ نواز شريف انهن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ کين شادين تي گهرائيندو رهيو، زرداري کي پئسا ڳڻڻ مان ئي فرصت نه ملي جو هو ڪشميرين جي لاءِ ڪجهه ڪري ها، مون سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو مسئلو اجاگر ڪيو، منهنجو ايمان آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، والاريل ڪشمير جي عوام حوصلو نه هاري، ٿورو صبر اڃا ڪري، کين انهن جو حق ملي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تراڙ کل ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاندار استقبال تي ڪشميري عوام جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم چيو ته چيو پيو وڃي ته آئون آزاد ڪشمير کي صوبو بڻائڻ چاهيان ٿو، اها ڳالهه ڪٿان آئي آهي، مون کي ته پتو ئي نه آهي، آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته 1948ع ۾ گڏيل قومون قراردادون منظور ڪيون هيون جنهن ۾ سڄي دنيا ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق ڏنو هو، ان موجب ئي ڪشميري عوام فيصلو ڪري ته هو ڀارت يا پاڪستان سان رهڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ انهن کي انهن جو حق ضرور ملندو. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، جنهن قوم ايتريون قربانيون ڏنيون هجن اها هر صورت ۾ پنهنجو حق وٺي رهندي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ ئي مخالف ڌر چوڻ شروع ڪيو آهي ته ڌانڌلي ٿيندي، مون ڪرڪيٽ ۾ به غيرجانبدار امپائر مقرر ڪرايا، (ن) ليگ اڄ تائين ڪو به ڪم ايمانداري سان ناهي ڪيو، نواز شريف ناڻي وارو وزير هوندي جيم خانه ڪلب لاهور ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي ته هو پنهنجا مرضي جا امپائر بيهاريندو هو ۽ جڏهن نواز شريف آئوٽ ٿيندو هو ته اهي ان بال کي نو بال قرار ڏئي ڇڏيندا، جهڙي طرح سندس سياست آهي ڪرڪيٽ به اهڙي ئي هئي. آئون اهو ڪپتان آهيان جنهن 1986ع ۾ ڪرڪيٽ دنيا ۾ نيوٽرل امپائر مقرر ڪرايا. هڪ سال کان مخالف ڌر چئي رهيا آهيون ته اچو گڏجي ويهو چونڊ سڌارا ڪريو ته جيئن سڀئي چونڊ نتيجن کي قبول ڪن، اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي تجويز ڏني ته جيئن ووٽنگ جي فوري پوءِ بٽڻ دٻائن سان چونڊ نتيجا سامهون اچن پر اسان جي تجويز ٻڌي نه وئي ۽ هاڻي چون ٿا ته ڌانڌلي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير هڪ عظيم قوم بڻجندي ۽ هي علائقو صرف سياحت سان ئي گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت ٺهي ته اهو صوبو جيڪو دهشتگردي جي جنگ جي ڪري تباهه ٿيل هو، 500 پوليس اهلڪار ان جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا ۽ فيڪٽريون بند ۽ روزگار جا موقعا بلڪل ختم ٿي ويا هئا، رڳو 5 سالن ۾ غربت ۾ رڪارڊ گهٽتائي آئي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي اداري جي رپورٽ موجب نه رڳو غربت ۾ گهٽتائي آئي پر امير ۽ غريب ۾ فرق به گهٽ ٿيو آهي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخواهه جي عوام اسان کي 2018ع جي چونڊن ۾ ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪا پارٽي مسلسل ٻيون ڀيرو اقتدار ۾ ناهي آئي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ به غربت گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته احساس پروگرام غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ هن ملڪ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. ڊسمبر تائين آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي غريب عوام کي رعايتي اگهن تي ضرورت جي شين جي فراهمي شروع ٿي ويندي. هر غريب خاندان جي هڪ فرد کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پوري خاندان جي لاءِ 10 لک رپين تائين جي هيلٿ انشورنس ۽ خاندان جي هڪ فرد کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو. حڪومت ان پروگرام جي لاءِ 500 ارب رپيا رکيا آهن ۽ هڪ مهيني جي اندر ان پروگرام جي شروعات ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٻن حڪومتن ڪشمير جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، جڏهن ته مون سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو. گڏيل قومن ۾ وڃي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيس ۽ عالمي ميڊيا ۽ فورمن تي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. هن چيو ته نواز شريف ان مودي کي شادين ۾ گهرايو جيڪو پاڪستان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪندو رهيو، پيلٽ گنز سان کين نشانو بڻائيندو رهيو کيس منٿون ڪري شادي ۾ گهرايو ويو ۽ چيو ويو ته توهان جي اچڻ سان اسان جي گهر ۾ رونق وڌي ويندي، جڏهن ته مودي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي لاءِ زور لڳائيندو رهيو ۽ ڪشميرين کي شهيد ڪندو رهيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي مشهور صحافڻ برکا دت لکيو ته نواز شريف نيپال ۾ مودي سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيون ۽ مودي ناراض نه ٿي وڃي ان لاءِ هو ڪشميري اڳواڻن سان به نه ملندو هو. وزيراعظم عوام کي چيو ته اها مخالف ڌر جي پارٽين کان پڇي ته انهن ڪشمير جي لاءِ ڇا ڪيو آهي. زرداري کي ته پئسا ڳڻڻ مان فرصت ئي نه هئي جو ڪشمير جي لاءِ ڪجهه ڪري ها. وزيراعظم چيو ته آئون ڪشمير مسئلو اجاگر ڪندو رهندس. وزيراعظم جيل ۾ نظربند مشهور ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن کي پيغام ڏيان ٿو ته توهان حوصلو نه هاريو، جيڪي ماڻهو مشڪل ۾ صبر ڪندا آهن اهي الله کي تمام گهڻو پيارا هوندا آهن ۽ ٿورو اڃا صبر ڪيو ڇو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته هر مشڪل کانپوءِ آساني آهي، پاڪستاني عوام جون دعائون ڪشميرين سان گڏ آهن ۽ اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، ڪشميرين کي انهن جو حق ضرور ملندو جنهن جي لاءِ اهي قربانيون ڏئي رهيا آهن.