اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتياطي تدبيرن جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف قانون موجب مناسب ڪارروائي ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب عيد نماز دوران فيصل مسجد ۾ ڪورونا ايس او پيز جي سنگين خلاف ورزي تي ان ڳالهه جو سخت نوٽيس ورتو آهي. ايوان صدر پاران گهرو سيڪريٽري کي خط موڪليو ويو آهي جڏهن ته صحت ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارتن کي پڻ ڪاپيون موڪليون ويون آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارن کي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن. خط ۾ چيو ويو آهي ته احتياطي تدبيرن جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.