ڪوٽلي – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام کي ووٽ ذريعي پنهنجي قسمت بدلائڻي آهي، اميد آهي ته 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ به وڏي تبديلي ايندي، والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڪيس هر عالمي فورم تي وڙهندو رهندس، والاريل واديءَ جا مظلوم ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، ڪشميري عوام کي خودمختياري جو پيدائشي حق گڏيل قومن ڏنو آهي، والاريل واديءَ ۽ آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي، ڪشمير جي جدوجهد زمين جي لاءِ نه پر انساني حقن جي لاءِ آهي، ڀارت گهڻي عرصي تائين ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي آڏو بيهي نه سگهندو، نواز شريف ٻاهرئين ملڪ پنهنجا اثاثا لڪائڻ جي لاءِ مودي جو سهارو ورتو. وزيراعظم عمران خان ڪوٽلي ۾ پي ٽي آءِ جي اهتمام هيٺ چونڊ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته شاندار استقبال تي ڪوٽلي جي عوام جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم عمران خان چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کان پڇان ٿو ته انهن ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا، ٻئي سياسي پارٽيون ٻڌائي سگهن ٿيون ته انهن ڪشميري عوام جو ڪيس وڙهيو، ڀارت ڪڏهن به مسلمانن ۽ ٻين اقيلتن کي برابر جو شهري نه سمجهيو، ڀارت ۾ هن وقت آر ايس ايس نظرين جا حامي اقتدار ۾ آهن. هن چيو ته زرداري ۽ نواز شريف کان پڇان ٿو ته انهن ڪيترا ڀيرا آر ايس ايس جي معتصباڻي سوچ کي بي نقاب ڪيو، ڪشميرين تي ظلم ڪندڙ مودي کي نواز شريف پنهنجي ڏوهٽيءَ جي شادي تي گهرايو، اڳوني پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري انڪشاف ڪيو ته نواز شريف کيس ڀارت تي تنقيد کان روڪيو هو. وزيراعظم چيو ته جن ڪرپٽ سياستدانن جو پئسو مل کان ٻاهر هوندو آهي انهن کي ٻيا ملڪ ڪنٽرول ڪندا آهن، اولهه طاقتن پيپلزپارٽي ۽ جنرل مشرف جي وچ ۾ معاهدو ڪرايو هو، اسان عدليه جي آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف هئاسين، ٻئي طرف پيپلزپارٽي ڳجهي طور تي اقتدار جي لاءِ معاهدا ڪري رهي هئي. هن چيو ته نواز شريف ٻاهرئين ملڪ پنهنجا اثاثا لڪائڻ جي لاءِ مودي جو سهارو ورتو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪا نواز شريف ۽ زرداري جي رضامندي سان پاڪستان ۾ ڊرون حملا ڪندو هو، غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ احساس ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن ذريعي رڪارڊ فنڊز رکيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت هر غريب خاندان جي هڪ شخص کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، پروگرام تحت مستحق خاندان جي هڪ شخص کي فني تربيت ڏني ويندي، هر غريب خاندان جي سربراهه کي صحت جي مفت بيمي جي سهولت پڻ ميسر هوندي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت مستحق خاندانن کي ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي ووٽ جي ذريعي پنهنجي قسمت بدلائڻي آهي، والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڪيس هر عالمي فورم تي وڙهندو رهندس، اميد آهي ته 25 جولاءِ تي آزاد ڪشمير ۾ پڻ تبديلي اچي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آهي، انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن انهن جي ماتحت آهي، ڪا نگران حڪومت به نه آهي، ان جي باوجود ڌانڌلي جو گوڙ ڪيو پيو وڃي. آزاد ڪشمير ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته والاريل واديءَ جا مظلوم ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، ڪشميري عوام خودمختياري جو پيدائشي حق گڏيل قومن ڏنو آهي، والاريل واديءَ ۽ آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي، ڪشميرين جي جدوجهد زمين جي لاءِ نه پر انساني حقن جي لاءِ آهي، ڀارت گهڻي عرصي تائين ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي آڏو نه ٿو بيهي سگهي. جلسي کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي لاءِ ڪوٽلي مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار ملڪ يوسف، انصر ابدالي، ملڪ ظفر ۽ چوڌري محمد اخلاق پڻ خطاب ڪيو.