اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سينيئر صحافي عارف نظامي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر ۽ وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن جي لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ مشهور صحافي ايڊيٽر ۽ سياسي تجزيه نگار عارف نظامي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عارف نظامي جي لاڏاڻي جي خبر تي هو ڏکويل آهي. جڏهن ته صدر چيو ته صحافت جي ميدان ۾ عارف نظامي جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. مرحوم جي پونئيرن موجب سينيئر صحافي لاهور ۾ دل جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو نوائي وقت گروپ جي باني حميد نظامي جو پٽ هو. هن روزاني نيشن ۽ پاڪستان ٽو ڊي سان ڪم ڪيو ۽ هو هڪ ڀيرو ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جو صدر چونڊيو. مرحوم عارف نظامي 2013ع ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم مير هزار خان کوسو جي ڪابينا ۾ نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان به خدمتون سرانجام ڏنيون.