اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عيد جون خوشيون سڀني سان ونڊڻ جي ضرورت آهي. عيد جي موقعي تي بيمارن کي ياد رکڻ ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر عارف علوي عيد جي موقعي تي پمز اسپتال جو دورو ڪيو. ساڻس بيگم ثمينه عارف علوي به گڏ هئي. صدر کي اسپتال انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي. جنهن کانپوءِ صدر ۽ بيگم ثمينه عارف علوي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو. صدر ٻارن جي خصوصي وارڊ ۾ به ويو، ٻارن جي عيادت ڪئي ۽ والدين سان مليو. صدر ٻين مريضن جي به عيادت ڪئي ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. صدر اسپتال ۾ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عيد جون خوشيون سڀني سان گڏجي ونڊڻ جي ضرورت آهي. عيد جي موقعي تي بيمارن کي ياد رکيو وڃي ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ گهرجي.