APP41-230721 LAHORE: July 23 - Federal Minister for Information & Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain talking to media. APP

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور صحافي عارف نظامي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عارف نظامي صحافت ۾ جيڪي ڏيئا ٻاريا انهن جي روشني وڌندي رهندي، مرحوم جون صحافت جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون آهن، سندس لاڏاڻو صحافت جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اسلام آباد ۾ نور مقدم ۽ عثمان مرزا ڪيس ۾ پوليس موثر طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ قانون سڀني جي لاءِ طاقتور آهي ۽ آئين ۽ قانون موجب فيصلا ٿين ٿا، ڪنهن کي مراعت نه ملندي، انصاف ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عارف نظامي جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته عارف نظامي سي پي اين اي جو صدر هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. صحافت جي شعبي ۾ سندس خدمتن کي ڳچ وقت تائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته عارف نظامي صحافت ۾ جيڪي ڏيئا ٻاريا انهن جي روشني وڌندي رهندي، پاڪستان ۾ صحافت جو فروغ جاري رهندو. اطلاعات واري وزير چيو ته صدر ۽ وزيراعظم پنهنجا تعزيتي پيغام موڪليا آهن، پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت جو صحافين ۽ ميڊيا سان ڪمٽمينٽ آهي، اسان ان کي پورو ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. اسلام آباد ۾ نور مقدم ۽ عثمان مرزا ڪيس جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جي پوليس انهن ڪيسن جي موثر طريقي سان پيروي ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڏوهه هر معاشري ۾ ٿيندا آهن پر اسان وٽ جيترا به ڏوهه ٿيا آهن، انهن کي موثر طور تي منهن ڏنو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي انصاف مليو. هن ٻن ڪيسن ۾ به انصاف ملندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ قانون سڀني جي لاءِ طاقتور آهي، آئين ۽ قانون تحت فيصلا ٿيڻا آهن، ڪنهن کي مراعت نه ملندي، انصاف ٿيندو. جڏهن ته اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم عارف نظامي جي گهر وڃي سندس پونئيرن سان تعزي جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مرحوم عارف نظامي پاڪستان جي صحافت جو هڪ لازمي جز هو، سندس لاڏاڻي سان صحافت جو شعبو هڪ ناليواري صحافي کان محروم ٿي ويو آهي. مرحوم عارف نظامي سادگي ۽ محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو. دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.