اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته برطانيا طرفان يو ڪي گلوبل اينٽي ڪرپشن رجيم تحت دنيا جي وڌيڪ ڪرپٽ ماڻهن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ خوشي جوڳي ڳالهه آهي، نواز شريف پاران ملڪ جو پئسو ڦري لنڊن ۾ ايون فيلڊز فليٽ ٺاهڻ يو ڪي گلوبل اينٽي ڪرپشن رجيم جي دائري ۾ اچي ٿو، سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ۾ ڪرپٽن تي سزائون ڏنل آهن ۽ هو سزا کان بچڻ جي لاءِ ڀڄي لنڊن ۾ وڃي ويٺو آهي. هن چيو ته عمران خان به گڏيل قومن ۾ ترقي يافته ملڪن جي قيادت کي مخاطب ٿيو ۽ چيو ته غريب ملڪن مان پئسو ڦري اتي آندو وڃي ٿو، ان جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي.