اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم زندگي ۾ ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو، پري پري تائين ان جو علم، عقل ۽ ڪتابن سان ڪو تعلق نه آهي، اهڙي عورت مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪجهه دوستن چيو آهي ته توهان مريم نواز جي يهودي بيانيي تي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، جنهن تي چوڌري فواد حسين چيو ته مريم بي بي زندگي ۾ ڪڏهن ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو، ڪڏهن ڪو ڪم ناهي ڪيو، سندس ڪل سياسي تربيت عابد شير علي، عظميٰ ۽ حنا ڪئي آهي ان جو پري پري تائين علم، عقل ۽ ڪتاب سان ڪو تعلق نه آهي ۽ اهڙي عورت مان توهان ڪهڙي اميد ڪري سگهو ٿا، ان جو سڄو سارو زور صرف عمران خان جي مخالفت تي آهي، ان کان عقل جي ڳالهه جي اميد ڪرڻ حيران جوڳي آهي، ان جي ڪل سي وي اها آهي ته هو نواز شريف جي گهر پيدا ٿي، جنهن عهدي جو غلط استعمال ڪيو، اربين رپيا ٺاهيا ۽ هاڻي سڄو خاندان بادشاهت جو مزو وٺڻ چاهي ٿو.