اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري جي دوران آزاد ڪشمير ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم تراڙ کلا ۽ ڪوٽلي ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندو، جتي هو گذريل سالن ۾ پنهنجي حڪومت جي حاصل ڪيل ترقي جي هدفن کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ميرپور ۽ باغ شهرن جي پنهنجي تازن دورن دوران پڻ مقامي جلسن کي خطاب ڪري چڪو آهي.