اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه هدايت ڪئي ته سموريون ذيلي ڪميٽيون ۽ آءِ ٽي واري وزارت جا ذيلي ادارا ٽه ماهي بنيادن تي ڊجيٽل صنفي شموليت، حڪمت عملي تحت رپورٽ جمع ڪرائين، اسان جا ڪي پي آئيز نتيجا لاڀائتا هئڻ گهرجن ۽ هر هدف لاءِ واضح ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هن ڊجيٽل صنفي شموليت بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊجيٽل صنفي شموليت حڪمت عملي تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم جي ڊجيٽل ويزن جو محور جامع صنفي ڊجيٽل سوسائٽي جوڙڻ آهي، جي ايس ايم اي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ موبائل انٽرنيٽ جينڊر گيپ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو رهجي ويو آهي، عورتن جي موبائل انٽرنيٽ استعمال ۾ 33 سيڪڙو کان وڌي 45 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رمضان پيڪيج تحت 8 لک عورتن لاءِ ڊجيٽل والٽس جو ڪامياب پائليٽ منصوبو هو، ڊجيٽل والٽ منصوبي سان مالي شموليت ۽ عورتن جي بااختياريءَ ۾ نمايان بهتري آئي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سموريون ذيلي ڪميٽيون ۽ آءِ ٽي واري وزارت جا ذيلي ادارا ٽه ماهي بنيادن تي ڊجيٽل صنفي شموليت حڪمت عملي تحت رپورٽ جمع ڪرائين، اسان جا ڪي پي آئيز نتيجا لاڀائتا هئڻ گهرجن ۽ هر هدف لاءِ واضح ڊيڊ لائينز مقرر ڪئي وڃي. شزه فاطمه خواجه چيو ته عورتن بابت خرچن ۾ واضح واڌ ضروري آهي ته جيئن حقيقي تبديلي ممڪن ٿي سگهي، هي صرف پاليسي يا اجلاس جي ڳالهه ناهي پر جڏهن هڪ عورت بااختيار بڻجي ٿي ته ان جو اثر صرف ان جي ذات تي نه پر پوري خاندان تي پوي ٿو. هن چيو ته پي ٽي اي جو چيئرمين صنفي شموليت جو سفير آهي. هن پي ٽي اي سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.