اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو 39هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس دوران وفاقي وزير مالياتي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ، منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بنائڻ ۽ بنيادي ڍانچي عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ بهتريءَ لاءِ نجي شعبي جي سيڙپڪاري، جدت ۽ـ انتظامي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس اسان جي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ جي حڪمت عمليءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي، اسان نجي سيڙپڪارن ۽ مهارت کي ڪتب آڻي نه صرف اهم قومي منصوبن جي رفتار کي تيز ڪري رهيا آهيون پر شفافيت، پائيدار ترقي، عوامي وسيلن جي مؤثر استعمال کي به يقيني بنائي رهيا آهيون. اجلاس دوران بورڊ ڪيترن ئي اهم انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي منظوري ڏني جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيا ويندا، ان ۾ اسلام آباد ۾ شهري پاڻي ۽ نيڪال جي منصوبن لاءِ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي بطور ٽرانزڪشن ايڊوائيزر مقرريءَ جي منظوري شامل هئي، جيڪو ڊائريڪٽ ڪنٽريڪٽنگ ريگوليشنز 2023ع تحت عمل ۾ آندي ويندي. ان قدم جو مقصد فني طور تي پيچيده ۽ ماحولياتي لحاظ کان مضبوط ميونسپل منصوبن جي منصوبا بندي ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي مهارت حاصل ڪرڻ آهي. بورڊ 69 ڪلوميٽر ڊگهي سيالڪوٽ- کاريان موٽر وي منصوبي جي نظرثاني ٿيل ڪمرشل اسٽرڪچر جي منظوري پڻ ڏني جيڪا ناڻي واري وزارت جي منظوريءَ سان مشروط آهي. هي منصوبو اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي هدايت تي 6 لائينن واري شاهراهه ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ـ هي سيالڪوٽ کي مرڪزي پنجاب سان ايم 12 راهداري ذريعي جوڙڻ لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ان سان صنعتي اچ وڃ ۽ رسائيءَ ۾ نمايان بهتري جي توقع آهي. ٻئي طرف بورڊ کاريان- راولپنڊي موٽر وي منصوبي جي به منظوري ڏني جيڪا 117.6 ڪلوميٽر ڊگهي 6 لائينن واري گرين فيلڊ موٽر وي هوندي ۽ ان کي بلڊ آپريٽ ٽرانسفر (بي او ٽي) ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو. ان منصوبي جو ڪاٿو 202.61 ارب رپيا آهي جڏهن ته 40 ارب رپين جي وابلٽي گيپ فنڊنگ جي تجويز ڏني وئي آهي. منصوبو عالمي چٽاڀيٽي واڪ ذريعي حاصل ڪيو ويندو ۽ ان کي ايس آءِ ايف سي تحت ترجيحي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان موٽر وي سان اُتر ۽ وچ پنجاب وچ ۾ سفر جو وقت نمايان طور گهٽ ٿيندو ۽ واپاري مسافرن جي آمدورفت ۾ بهتري ايندي.