اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي گلگت بلتستان جي حقيقي پوٽينشل کي سامهون آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته توانائي، زراعت، ماهيگيري سميت انفراسٽرڪچر منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي. سي پيڪ چيئرمين چيو ته رستن ۽ ايئرپورٽس جي منصوبن سميت سياحت جي فروغ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، سي پيڪ تحت انهن شعبن کي فروغ ڏئي رابطا وڌايا ويندا.