اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر فيصل آباد ريجن ۾ لوڊشيڊنگ تي وڏو ايڪشن کڻي ورتو، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سفارش تي سي اي او فيسڪو کي عهدي تان هٽايو ويو. هڪ ٽوئيٽ ۾ حماد اظهر چيو ته اڄ جمعي تائين وقتي سي اي او فيسڪو مقرر ڪيو ويندو. حماد اظهر چيو ته عيد جي ڏينهن ۾ خراب فيڊرز جي مرمت ۾ دير ڪرڻ تي انڪوائري ڪرائي ويندي.