اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صارف جي ڄاڻ ۾ آڻڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي ڪري ان جي مالي نقصان کي پورو ڪرڻ بابت بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ صارفين کي ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت معلومات جي فراهمي بئنڪن جي ذميواري آهي. صدر بئنڪنگ محتسب جي مالي نقصان پورو ڪرڻ جي فيصلي جي خلاف حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي اپيل جي جواب ۾ چيو ته اسان جي عام ماڻهن کي ٽيڪنالاجي جي معلومات ذريعي تحفظ جي ضرورت آهي، بئنڪن کي ان کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هڪ رٽائرڊ شهري شڪايت ڪندڙ علي غلام جنهن جو حبيب بئنڪ لميٽيڊ اسلام آباد ۾ اڪائونٽ آهي، کي پنهنجي بئنڪ اسٽيٽمينٽ ذريعي خبر پئي ته نان ٿري ڊي سيڪيور ٽرانزيڪشن ذريعي ان جي 6 لک 7 هزار 804 رپين جي رقم غائب ٿي وئي آهي. شڪايت ڪندڙ بئنڪ ۾ شڪايت ڪئي ته هن انٽرنيٽ بئنڪنگ فيسليٽي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪا درخواست نه ڏني هئي ۽ سندس ذاتي دستاويز رقم جي تڪراري منتقلي جي لاءِ استعمال ڪيا ويا. بئنڪ پاران شڪايت جو ازالو نه ٿيڻ تي هن بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. بئنڪ اتي ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ته ان اڪائونٽ هولڊر کي بئنڪ سان رابطو قائم ڪرڻ وقت ٽيڪنالاجي جي اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر ۽ ٻئي استعمال بابت ڪجهه به آگاهه نه ڪيو هو. بئنڪ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 10 جون 2016ع جي جاري ڪيل سرڪلر ۾ ڏنل هدايتن تي پڻ عمل نه ڪيو جنهن ۾ بئنڪ کي اختيار ڏنو ويو آهي ته ڪارڊ سروس پرووائيڊر رقم جي ادائيگين جي استعمال بابت صارفين کان راءِ وٺندي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پاليسي موجب ان جي راءِ جو رڪارڊ رکندي. صدر پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو آهي ته شڪايت ڪندڙ جي رقم جو نقصان ان لاءِ ٿيو ڇو ته بئنڪ ان جي درخواست ۽ راءِ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي سهولت کي فعال ڪيو، جيڪڏهن بئنڪ اهو طريقيڪار استعمال نه ڪري ها ته اڪائونٽ هولڊر مالي نقصان کان بچي سگهيو پئي. هن چيو ته قانون جي لاڳاپيل شقن جي مطالعي سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته بئنڪنگ محتسب بئنڪ آفيسرن جي هر قسم جي بدعنوانين، غلط ڪمن ۽ جعلي ڏيتي ليتي بابت شڪايتن جي جاچ ڪري ٿو ۽ انڪوائري مڪمل ٿيڻ تي مناسب حڪم جاري ڪري ٿو. صدر چيو ته بئنڪ کي شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ بابت بئنڪنگ محتسب جي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ مناسب وقت ڏنو ويو جڏهن ته بئنڪ قانون تحت پنهنجي ذميواري ۽ واجب الاادا رقم جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي. هن حڪم ڏنو ته بئنڪ جي اپيل ڪنهن به ميرٽ تي پوري نه ٿي لهي ۽ ان کي رد ڪيو وڃي ٿو.