فيصل آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عيدالاضحيٰ اسان جي ديني، مذهبي ۽ اخلاقي فرض سان گڏوگڏ قرباني، ايثار ۽ خوشيون ورهائڻ جو پڻ تهوار آهي تنهن ڪري قرباني جي عيد جي خوشي جي موقعي تي فرزندان اسلام لاچار، بي سهارا ۽ يتيمن کي به پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪن، ڪورونا جي چوٿين لهر جي ڏس ۾ احتياط جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو وڃي ته جيئن سڀني جون زندگيون محفوظ رهي سگهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهري اڄ عيد جي موقعي تي سماجي فاصلو برقرار، هٿن کي سيني ٽائز ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪن. هن چيو ته ڪاسائين کي به چڱي طرح صاف ڪيل اوزارن سان جانور ذبح ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ۽ عيد جي نماز کانپوءِ پاڻ ۾ گلي ملڻ ۽ هٿ ملائڻ کان به پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته شهري عيد تي ماسڪ ضرور پائين ۽ هٿن کي بار بار ڌوئيندا رهن جڏهن ته برسات جي موسم جي ڪري احتياطي تدبيرن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. هن پاڪستاني قوم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عيدالاضحيٰ جي مقصد کي نظر ۾ رکي اسان کي عيد تي محروم طبقن سان خوشيون ورهائڻ گهرجن ڇو ته خلق خدا جي خدمت، لاچار، بي سهارا ۽ يتيمن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ ئي عيد جو حقيقي پيغام آهي. هن چيو ته الله کي راضي ڪرڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته اسان وسيلن کان محروم طبقن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪريون ته جيئن انهن ۾ احساس محرومي نه رهي. هن چيو ته عيد جي موقعي تي اسان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي لازوال قربانين کي پڻ سلام پيش ڪريون ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي لاءِ دعاگو آهيون جن جون خوشيون مودي سرڪار کسي ورتيون آهن. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان سڀني کي گڏجي قرباني جي عيد تي ڪوڙ، منافقت ۽ غيبت کي سدائين جي لاءِ قربان ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. فرخ حبيب چيو ته قرباني جي عيد جو فلسفو اسان کي پنهنجي ذات جي نفي، ذاتي اناءَ ۽ مفادن جي قرباني ڏئي ايثار، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي جذبي سان سرشار ٿي ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو جڏهن ته بحيثيت قوم گڏيل رنجشن ۽ اختلافن کي وساري اسان کي اخوت ۽ محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي.