اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد سينيئر سٽيزن بل 2021ع ۽ عورتن بابت ملڪيتي حق لاڳو (ترميمي) بل 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون، اسلام آباد سينيئر سٽيزن بل 2021ع تحت اسلام آباد جي بزرگ شهرين جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قانون تحت سينيئر سٽيزن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. بزرگ ماڻهن جي لاءِ اولڊ ايج هوم ”دارالشفقت“ پڻ قائم ڪيو ويندو. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو سينيئر سٽيزن ڪارڊ جا اهل هوندا. بزرگ شهرين کي ميوزيم، پارڪس ۽ لائبريري جهڙيون سهولتون حاصل هونديون. علاج جي سهولتن، دوائن تي رعايت، جدا ڪائونٽر ۽ جدا وارڊز جي سهولت ڏني ويندي. بزرگ ماڻهن کي فضائي ۽ ريلوي جي سفر تي 20 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، مستحق ۽ اهل بزرگ ماڻهن کي مالي امداد پڻ ڏني ويندي. صدر عورتن بابت ملڪيتي حق لاڳو (ترميمي) بل 2021ع تي پڻ صحيحون ڪيون. عورتن بابت ملڪيتي حق لاڳو ايڪٽ 2020ع جي سيڪشن 5 ۾ ترميم ڪئي وئي. ترميم تحت محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي 30 ڏينهن جي اندر اپيل ڪري سگهبي.