اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان ڪورونا وبا کي منهن ڏنو آهي، ڪورونا وبا جي چوٿين لهر دوران عوام احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪري. ٽڪ ٽاڪ ۽ ٽوئيٽر تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان ۾ حڪومت جي وقت سر ۽ سٺن فيصلن جو هٿ آهي، پاڪستان جي مقابلي ۾ ڀارت ان وبا کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران ميڊيا ۽ عالم سڳورن آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪيو جڏهن ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون نه هڻنداسين، غريبن جي روزگار جو خيال رکنداسين. هن چيو ته هن وقت ڪورونا وبا جي چوٿين لهر هلي رهي آهي ۽ ڊيلٽا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جانورن جي خريداري ۽ عيدالاضحيٰ جي نماز جي ادائيگي دوران ڪورونا کان بچاءُ جي احتياطي ضابطن تي مڪمل عمل ڪريو، هٿ ڌويو، ماسڪ پايو ۽ سماجي فاصلو برقرار رکو، بازارن ۾ به احتياطي ضابطن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جيڪڏهن ڪورونا وبا جي ان لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري ورتو ته ڪير به پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿو وجهي سگهي.