اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اندرون سنڌ جي صحافين تي جعلي ڪيس ۽ سرڪاري دٻاءُ هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي. سلطان رند تي نئين ايف آءِ آر اهڙي ئي ڪارروائي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي درخواست ڪئي آهي ته آءِ جي سنڌ کان فوري ان واقعي جي رپورٽ وٺي. اظهار جي آزادي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.