اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي مهم جا نتيجا هن پاڪ ڌرتي کي ايندڙ نسلن جي لاءِ سرسبز ۽ شاداب بڻائي رهيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وڊيو ڪلب شيئر ڪئي جنهن ۾ بکر ۾ 2019ع کان اڳ هڪ بنجر زمين ۽ وڻڪاري کانپوءِ ان کي هاڻي سرسبز ۽ شاداب ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته هي بکر ۾ اسان جي وڻڪاري مهم کانپوءِ جا منظر آهن، لڳ ڀڳ اڍائي سالن جي مدي ۾ ظاهر ٿيندڙ اهي اسان جي بلين ٽري وڻڪاري مهم جا شاندار نتيجا هن پاڪ ڌرتي کي ايندڙ نسلن جي لاءِ سرسبز ۽ شاداب بڻائي رهيا آهن.