اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن سال اسان وينٽي ليٽرز برآمد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ڪوويڊ دوران جيڪو ڪم ٿيو ان جي نتيجي ۾ اسان جي چوٿين ڪمپني کي به اهي وينٽي ليٽرز ٺاهڻ جو لائيسنس ملي ويو آهي. هن سال مون کي پوري اميد آهي ته اسان وينٽي ليٽرز برآمد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته فيصل آباد ۾ هيلٿ سٽي ٺاهيو ويو هو جتي سيپٽمبر ۾ آٽو ڊسپوزايبل سرنج ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏينداسين.