فيصل آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف جي اقتدار جي دور ۾ بطور اپوزيشن ليڊر عمران خان جو فون هيڪ ڪيو ويو، نواز شريف ۽ مريم صفدر جواب ڏين ته عمران خان جو ئي فون ڇو هيڪ ڪيو ويو؟ اهو عين ممڪن آهي ته نواز شريف مودي ذريعي اسرائيلي سافٽ ويئر سان عمران خان جو فون هيڪ ڪرايو هجي ڇو ته نواز شريف جي تاريخ رهي آهي ته هو سياستدان، جرنلن، ججز، انٽيليجنس ادارن جي سربراهن جا فون ٽيپ ڪرائيندو رهيو آهي. هو سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مودي ۽ نواز شريف جو تعلق تمام ويجهو آهي، جيئن مودي فون رڪارڊ ڪرائي رهيو هو، پاڪستان ۾ مخالف جا فون هيڪ ڪرائڻ ۾ نواز شريف مودي کي خدمتون فراهم ڪيون، نواز شريف جي مودي سان ايتري ويجهي دوست هئي جو مودي جي حلف نامي تي هو حريت اڳواڻن سان نه ٿو ملي. هن چيو ته عمران خان مخالف ڌر ۾ هو تڏهن به پاناما ليڪس ۽ ٻين ڪرپشن اسڪينڊلز تي آواز اٿاريندو رهيو. هن چيو ته فون هيڪ ڪرڻ جي معاملي جا تفصيل اچي رهيا آهن، جلد ڪيترائي ڪردار به بي نقاب ٿيندا. هن چيو ته هيستائين سامهون ايندڙ تفصيل موجب نواز شريف مودي ذريعي عمران خان جو فون ٽيپ ڪرايو آهي. هن چيو ته نواز شريف جيڪڏهن پنهنجي مخالف ڌر جا فون هيڪ ڪرائي سگهي ٿو ته ڪنهن جا به فون هيڪ ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو ته کيس عمران خان ئي ڪرپشن اسڪينڊلز تي چئلينج ڪيو هو، ان وقت عمران خان ملڪ جو وزيراعظم نه هو، مودي ۽ نواز شريف جو پاڻ ۾ جهڙو تعلق هو ۽ مودي پنهنجي مخالف ڌر جا فون هيڪ ڪرائي رهيو هو اهڙي طرح نواز شريف پنهنجي مخالف ڌر جا فون هيڪ ڪرائڻ جي لاءِ مودي جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ اسرائيلي سافٽ ويئر ذريعي عمران خان جو فون ٽيپ ڪرايو ويو. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي حڪومت جي دور ۾ سمورن قانونن کي لتاڙيندي 100 ماڻهن سان گڏ مودي جو لاهور اچڻ، نواز شريف جي فيملي جي شادي جو حصو بڻجڻ، اهو سڀ ڪجهه سامهون آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ٻي سياسي قيادت جا فون هيڪ نه ڪرايا ويا رڳو عمران خان جو فون هيڪ ڪرايو ويو، ان تي نواز شريف کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اڄڪلهه نواز شريف جي صاحبزاديءَ ڪشمير ۾ وڃي اليڪشن مهم هلائي رهي آهي پر مودي جي ظلمن ۽ آر ايس ايس جو ذڪر مريم صفدر جي زبان تي نه اچي رهيو آهي، مريم اهو ته ٻڌائي ته فون هيڪ ڪرائڻ تي جيڪو ڳٺ جوڙ سامهون آيو آهي ان ۾ نواز شريف جو ڪهرو عمل دخل آهي، انهن سوالن جا جواب گهربل آهن. هن چيو ته واٽس ايپ تي جيئن ته پهچ ممڪن نه هئي ان لاءِ اسرائيلي سافٽ ويئر جي مدد حاصل ڪئي وئي، نواز شريف حڪومت جي دفاع جي وزير جا به اسرائيل سان لاڳاپا هئا ان ۾ ان جي مدد به شامل هوندي. هن چيو ته نواز شريف جا ارادا ڄاڻي چڪا آهيون، هي ملڪ دشمني ڪندو رهيو آهي.