اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ تڪرار پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، افغانستان ۾ پائيدار امن علائقائي اقتصادي رابطن جي لاءِ نيون راهون کوليندو. اها ڳالهه هن افغان مفاهمتي عمل جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ افغان امن عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ٺوس، وسيع البنياد ۽ سياسي حل جي لاءِ امن ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ شورش ۽ عدم استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي ڇو ته پاڪستان ۾ پناهگيرن جي وڌيڪ اضافي سان سيڪيورٽي جي حوالي سان سنگين چئلينجز پيدا ٿيندا. هن چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن سان علائقائي اقتصادي رابطن جي لاءِ نيون راهون کلنديون. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته زبردستي حڪومت قائم ڪرڻ سان تڪرار حل نه ٿيندو ۽ رڳو ڳالهين ذريعي حل ئي افغانستان ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن آڻي سگهي ٿو. پرامن، مستحڪم ۽ متحد افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محفوظ اولهندي سدرحد پاڪستان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان آمريڪا ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن سان امن ڪوششن جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورين افغان ڌرين کي هڪ ٻئي سان بامقصد ڳالهين جي لاءِ لچڪ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي پاڙيسري ۽ علائقائي ملڪن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي افعانستان ۾ پائيدار سياسي حل جي لاءِ گڏجي تعميري ڪم ڪن جنهن جي اسان تازو تاشقند ڪانفرنس ۾ پڻ تجويز ڏني هئي. آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد خطي جي دوري دوران اسلام آباد جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.