اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم 16 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو ۽ هو پاڻ جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهي، جاچ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ افغان حڪومت جو تعاون گهربل هوندو، واقعي جي حوالي سان ڪا به شيءَ لڪل نه رکنداسين ۽ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سموريون حقيقتون دنيا آڏو رکنداسين، افغانستان پاران موڪليل ٽيم سان مڪمل تعاون ڪيو ويندو، ڪجهه قوتون سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون پکيڙي پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، اميد آهي افغان حڪومت سفير کي واپس موڪلڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪندي، اسان افغانستان سان پنهنجي انگيجمينٽ کي برقرار رکنداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. قومي سلامتي وارو خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ آءِ جي اسلام آباد پڻ ساڻس گڏ هئا. پرڏيهي وزير چيو ته 16 تاريخ تي اسلام آباد ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو جنهن جي اسان سڀني کي تڪليف آهي، اسان به ڌيئرن وارا آهيون ۽ انهن جي عزت ۽ احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا قدر گڏيل آهن. هن چيو ته افغانستان حڪومت پاران پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جي خبر پ.ئي ته مون افغان هم منصب حنيف اتمر سان رابطو ڪيو ۽ کيس پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته مون واقعي جي سموري صورتحال ۽ عملي قدمن کان آگاهه ڪيو. واقعي جي حوالي سان اسان ڪجهه به لڪل نه رکيو ۽ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون. ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ اسان کي افغان حڪومت پاران تعاون گهربل هوندو. مون کيس ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان ذاتي طور تي ان واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ هو پاڻ جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهي، اسان حقيقتون انهن جي ۽ دنيا آڏو رکنداسين جڏهن ته جوابدارن کي سزا ڏياري ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته ان واقعي کانپوءِ اسان اسلام آباد ۾ افغان سفارتخاني ۽ پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۾ قونصل خانن جي سيڪيورٽي کي وڌائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪالهه رات اسان هڪ نوٽ وربل ذريعي انهن کان گهُر ڪئي آهي، اسان کي انهن کان ڪجهه تفصيل گهربل هوندا. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغان پرڏيهي وزير حنيف آتمر ٻڌايو ته هن اهو نوٽ وربل ڏسي ورتو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون ان کي چيو ته افغان سفير کي واپس گهرائڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪريو، اسان سفارتي ذميوارين کان چڱي ريت آگاهه آهيون، اسان افغانستان سان رابطن جو تسلسل چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. تاشقند ۾ به وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران افغان صدر اشرف غني کي گذارش ڪئي ته اسان کي سوچي سمجهي بيان ڏيڻ ۽ الزام بازين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان جو مقصد واضح آهي ۽ اهو آهي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام. اسان جو نه ڪنهن جي طرف جهڪاءُ آهي ۽ نه ئي اسان جو ڪو پسنديده آهي، جيڪو به درانداز ڪري ٿو اهو افغانستان ۽ هن خطي جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغان پرڏيهي وزير حنيف آتمر خصوصي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو جاچ ۾ اسان سان تعاون ڪندا، افغان پرڏيهي وزير جو چون هو ته ان معاملي ۾ اسان گڏيل طور تي ڪم ڪريون. قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو ته پاڪستان کي هائبرڊ جنگ درپيش آهي، دشمن قوتن پاڪستان جي خلاف مختلف محاذ کولي رکيا آهن، ڀارت، افغانستان ۽ وچ ايشيا مان سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي خلاف غلط اطلاع پکيڙيا پيا وڃن. ڪجهه قوتون سوشل ميڊيا تي غلط اطلاع پکيڙي پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. ڀارتي ميڊيا افغان سفير جي ڌيءَ جي غلط تصوير سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي. ڪجهه عرصو اڳ اسان اي يو ڊس انفوليب جي حوالي سان ڪجهه معلومات ميڊيا سان شيئر ڪئي هئي. معيد يوسف چيو ته ڪجهه هيش ٽيگز ۽ فيڪ اڪائونٽس تان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فرضي اڪائونٽس سان پاڪستان جي خلاف ڪوڙ تي ٻڌل پروپئگنڊه پکيڙي پئي وڃي. هن چيو ته اهي ئي اڪائونٽس جيڪي اڳ ۾ هندستان، افغانستان ۽ ڪجهه پاڪستان مان ڪوڙي پروپئگنڊه جي لاءِ استعمال ڪيا پئي ويا، اهي ئي هن واقعي ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. معيد يوسف چيو ته اسان انهن سمورن اڪائونٽس کي باقاعدگي سان مانيٽر ڪريون ٿا، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال خدانخواسته خراب آهي. دنيا کي انهن غلط اطلاعن سان گمراهه نه ٿو ڪري سگهجي. آءِ جي اسلام آباد واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسلام آباد پوليس 300 کان وڌيڪ ڪئميرائن جي اسڪروٽني ڪئي ۽ 7 ڪلاڪن جي رڪارڊنگ جو جائزو ورتو آهي، اسان 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو آهي. آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته افعان سفير جي ڌيءَ گهر کان پيادل نڪتي آهي ۽ پوءِ ٽيڪس ڪرائي ٿي، اسان اها ٽيڪسي ڳولي ۽ ڊرائيور جي جاچ ڪئي. ٻي ٽيڪس هوءَ کڏا مارڪيٽ کان راولپنڊي جي لاءِ ڪرائي ٿي، پوءِ ڊرائيور ٽريس ٿيو ۽ ان جي جاچ ڪئي ۽ ان هن کي صدر راولپنڊي ڇڏيو. آءِ جي اسلام آباد چيو ته پنڊي صدر جي 8 ڪئميرائن مان رڪارڊ ورتو ويو، پوءِ هڪ ٽئين ٽيڪسي ڪرائي وئي، ان کانپوءِ دامن ڪوهه جي ڪئميرا مان ٽيڪسي ٽريس ٿي جنهن سڄو روٽ ٻڌايو. ان کانپوءِ هڪ چوٿين ٽيڪسي ڪرائي وئي، اها ايف – 6 وئي ۽ پوءِ ايف – 9 وڃي ٿي ۽ اتان ايمبيسي اسٽاف کي فون ڪري ٿي جيڪو ان کي گهر وٺي ويو. آءِ جي چيو ته اسان سڄو روٽ ايڪسپلور ڪيو آهي ان ۾ ڪجهه سيف سٽي جي ڪئميرائن ۽ ڪجهه پرائيويٽ ڪئميرائن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو آهي جڏهن ته اسان کي فريادي کان ڪجهه وڌيڪ معلومات گهربل هوندي. هن چيو ته معاملي جي جاچ جي لاءِ 5 انڪوائري ٽيمون جوڙيون ويون آهن.